بدين: سنڌ جيان بدين شهر ۾ به طوفان ۽ کنوڻ سان تيز برسات، بجلي جو نظام ڌرهم برهم، ڪيترائي ئي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
بدين ۾ تيز هوا سان گڏ تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، برسات کان پوءِ هيٺائين وارا علائقا مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. روڊن رستن تي برساتن جي پاڻي بيهڻ سبب ايندڙ ويندڙ گاڏيون وچ روڊ تي بند ٿي وڃڻ ڪري مسافر ۽ ڊرائيور پريشان ٿي ويا.
برسات بدين جي مختلف شهرن ٽنڊوباگو تلهار گولاڙچي ماتلي نندو کوسڪي ڪڍڻ سيراڻي شادي لارج ملڪاڻي شريف ۾ پڻ پئي آهي. آبادگارن موجب ته مسلسل پاڻي جي کوٽ کان پوءِ بدين اندر برسات پوڻ کان پاڻي جي کوٽ ختم ٿيڻ سان زراعت کي وڏو فائدو ملندو. ٻئي پاسي تلهار پيرو لاشاري ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ تيز هوائن سان تيز برسات سلسلو جاري آهي.
تلهار ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ تيز هوائن سان تيز برسات جاري آهي مينهن سبب هٺيان وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
جڏهن ته برسات شروع ٿيندي ئي بجلي معطل ٿي وئي آهي.