چيف جسٽس ڊوگر جي دعوت، سينئر ججن جي عدم شرڪت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آءِ ايڇ سي جي سينئر ججن، جن اڳ ۾ ٻين صوبن مان ججن جي اسلام آباد بدلي ۽ ان بعد سندن سينيارٽي ۾ تبديليءَ کي چئلينج ڪيو هو، انهن ججن چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر جي اعزاز ۾ خميس ڏينهن رکيل ڊنر ۾ شرڪت نه ڪئي. هي تقريب، جيڪا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران نئين چيف جسٽس جي مقرري جي خوشي ۾ منعقد ڪئي وئي، ان ۾ رڳو جسٽس ارباب محمد طاهر، خادم حسين سومرو، محمد اعظم خان ۽ راجا انعام امين منهاس شرڪت ڪئي. بهرحال، سينئر ججن جسٽس محسن اختر ڪَياني، سردار اعجاز اسحاق خان ۽ سمن رفعت امتياز تقريب ۾ موجود نه هئا. جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس بابر ستار، جيڪي انهن پنجن ججن مان آهن جن سپريم ڪورٽ ۾ سينارٽي کي چئلينج ڪيو هو، اڳ ۾ ئي موڪل تي آهن. جسٽس محمد آصف به اونهاري جي موڪلن تي آهي. تقريب دوران، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڊوگر پنهنجي خطاب ۾ ڪيسن جي تيز فيصلي لاءِ ورتل قدمن تي روشني وجهندي چيو ته قيدين سان لاڳاپيل ڪيسن جي جلدي نبيرڻ لاءِ خاص بينچز قائم ڪيا ويا آهن. جسٽس ڊوگر چيو ته اوورسيز پاڪستانين سان لاڳاپيل ڪيسن کي به ترجيح ڏني ويندي، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ضلعي عدليا ۾ التوا هيٺ ڪيسن کي گهٽائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔