پنجاب ۾ برسات دوران 43 ڄڻا فوت ٿي ويا: ريسڪيو ترجمان

لاهور: پنجاب ۾ گذريل ڏينهن برسات جي دوران پيش ايندڙ حادثن ۾ 43 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو ترجمان موجب گذريل ڏينهن پنجاب ۾ برسات جي دوران ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ جا 130 واقعا ٿيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڳرو جاني نقصان به ٿيو. ترجمان ٻڌايو ته صوبي ۾ گذريل ڏينهن برسات جي دوران مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ حادثن ۾ 43 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو اختيارين موجب لاهور ۾ 16، شيخوپوره ۾ 5، اوڪاڙه ۽ پاڪپتن ۾ 4-4، چڪوال ۾ 2، فيصل آباد ۾ 9، منڊي بهاءُالدين، ننڪانه ۽ ساهيوال ۾ هڪ هڪ فوتگي رپورٽ ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔