بنگلاديش جي دوري کان اڳ قومي ٽيم فٽنيس مسئلن جو شڪار

لاهور : بنگلاديش جي دوري کان اڳ قومي ٽيم فٽنيس مسئلن جي ڪري پريشان آهي، نائب ڪپتان شاداب خان، فاسٽ بالر نسيم شاهه ۽ وسيم جونيئر مڪمل طور تي فٽ نه آهن. ذريعن موجب، لاهور قلندرز جي کاٻي هٿ جي فاسٽ بالر سلمان مرزا ۽ کاٻي هٿ جي اسپنر سفيان مقيم کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. بنگلاديش جي دوري لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪيمپ 8 جولاءِ کان نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ منعقد ٿيندو.قومي ٽيم 16 جولاءِ تي بنگلاديش لاءِ رواني ٿيندي، ۽ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 3 ميچن جي ٽي 20 سيريز 20 جولاءِ کان شروع ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔