شاداب بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز جي دورن کان آئوٽ

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر شاداب خان ساڄي ڪلهي جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ذريعن موجب ڊاڪٽرن شاداب کي ڪلهي جي تڪليف سبب آپريشن (سرجري) ڪرائڻ جي صلاح ڏني آهي، جنهن بعد انگلينڊ ۾ شاداب جو ڪلهي جو آپريشن ٿيڻ جو امڪان آهي. شاداب خان پي ايس ايل ۾ وڪيٽن جي سينچري مڪمل ڪري چُڪو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن کان پوءِ شاداب خان لڳ ڀڳ 3 مهينا ڪرڪيٽ کان ٻاهر ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه، بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ به شاداب خان کي کيڏڻ جو امڪان ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔