حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد:  حڪومت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت طرفان ڊيزل جي قيمت ۾ 10 روپيه 39 پئسا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 8 روپيه 36 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي.

قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 266 روپيه 79 پئسا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 272 روپيه 98 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ فوري طور تي لاڳو ٿي وئي آهي.

ذريعن موجب پيٽروليم شين جي نئين قيمتن ۾ اڍائي روپين جي ڪاربن ليوي به لڳائي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول تي ليوي گهٽ ڪري 75 روپيه 52 پئسا في ليٽر ڪئي وئي. جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ليوي 74 روپيه 51 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔