ٽيڪس چور ساليانو اربين روپين جي ٽيڪس کان آجا، ايف بي آر خاموش تماشائي بڻيل

اسلام آباد:  هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان کي پنهنجي آمدني وڌائڻ ۽ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ جي سخت ضرورت آهي اهڙي صورتحال ۾ ٽيڪس چور بي خوفي سان اربين روپيه ٽيڪس جمع نه ڪرائي رهيا آهن، جڏهن ته ايف بي آر اهڙن ٽيڪس چورن کي پڪڙڻ ۾ پنهنجي قانوني ذميواري پوري نه ڪري رهيو آهي.

اهڙو انڪشاف آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي مالي سال 2024-25ع جي تازي رپورٽ ۾ سامهون آيو آهي جنهن ۾ ٽيڪس چوري ۽ قانون لاڳو نه ڪرڻ جي نقصن جو احاطو ڪيو ويو آهي جنهن سبب هر سال قومي ناڻي کي سوين ارب روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

رپورٽ ۾ هزارين اهڙن ڪيسز جي نشاهدهي ڪئي وئي آهي جن مان ٽيڪس نه ڏيندڙ وڏي پيماني تي آمدني لڪائڻ، جعلي ڪليم، ريٽرن جمع نه ڪرائڻ، ٽيڪس ڪريڊٽ جي غلط استعمال ۽ آمدني لڪائڻ ۾ ملوث آهن. اهڙن ٽيڪس چورن کي ايف بي آر جي فيلڊ آفيس ۾ ناقص نگراني، سست رفتاري سان ڪارروائي ۽ ڪمزور داخلي ڪنٽرول جي ڪري حوصلو ملندو آهي.

ڏٺو وڃي ته سالن جي رپورٽ ۾ به انهن بي ضابطگين جي مسلسل نشاندهي ڪئي وئي پر انهي جي باوجود ڪنهن به قسم جا قدم نه کنيا ويا آهن. اهڙي صورتحال کي آڊيٽر جنرل پنهنجي رپورٽ ۾ انتهائي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو آهي. امير ماڻهن طرفان سپر ٽيڪس جي وڏي پيماني تي چوري سڀني کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي.

رپورٽ موجب 1026 ٽيڪس نه ڏيندڙن سپر ٽيڪس ادا نه ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ قومي ناڻي کي 167.9 ارب روپين جو نقصان ٿيو. ايف بي آر وٽ ادائيگي لاڳو ڪرڻ جو قانوني اختيار ۽ طريقيڪار موجود هجڻ جي باوجود وقت تي ڪارروائي نه ڪئي وئي. صرف 4 ڪروڙ 80 لک روپيه وصول ٿي سگهيا جيڪي گڏيل رقم جو صرف 0.02 سيڪڙو بڻجي ٿو. اهڙي طرح 1084 ٽيڪس نه ڏيندڙ قبول نه ڪرڻ جوڳي ڪاروباري خرچن جنهن ۾ ليز فنانس چارجز ۽ اهڙا خرچ شامل ڪيا ويا جن تي ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو نه ٿيو. جيڪو انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي قلم 21 جي ڀڃڪڙي آهي. جنهن سان 149.5 ارب روپيه گهٽ جمع ٿي سگهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔