ڀارتي اداڪاره شيفالي ديهانت ڪري وئي

ممبئي: ڀارتي اداڪاره، ريئليٽي ٽي وي اسٽار ۽ ڪانٽا لگا گاني مان پنهنجي ڊانس تي پرفارمنس مان شهرت حاصل ڪندڙ شيفالي جريواله 42 سالن جي عمر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ديهانت ڪري ئي.ڀارتي ميڊيا موجب شيفالي کي خميس جي رات اوچتو دل جو دورو پوي، جنهن کان پوءِ کيس فوري طور تي سندس مڙس اداڪاره پراگ تياگي 3 ٻين ماڻهن سان گڏ ممبئي جي اسپتال منتقل ڪيو پر بدقسمتي سان هو صحتياب نه ٿي سگهي.اسپتال جي عملي تصديق ڪئي آهي ته شيفالي اسپتال آڻڻ کان اڳ ئي فوت ٿي چڪي هئي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره جي فوت ٿيڻ جو حتمي سبب جو باضابطه اعلان اڃان تائين نه ڪيو ويو آهي پر شروعاتي طور تي دل جو دورو ئي بنيادي سبب قرار ڏنو پيو وڃي.ياد رهي ته شيفالي جريواله 2002 ۾ ڪانٽا لگا گاني جي وڊيو ۾ پرفاسمنس سان راتو رت شهري جي بلندي تي پهچي وئي هئي، انهي کان پوءِ هن نچ بليي ۽ بگ باس 13 جهڙن شوز ۾ به شرڪت ڪئي. شيفالي جي اوچتو فوت ٿيڻ جي خبر شوبز انڊسٽري ۽ سندس مداحن کي گهري صدمي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔