ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هڪ دفعو ٻيهر تيز برسات جو سلسلو جاري

ڪراچي: طاقتور چوماسي جون هوائون سنڌ تي اثر انداز آهن، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو هڪ دفعو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي.

شاهراهه فيصل، ڪارساز نرسري، ميٽرو پول، صدر ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي تيز برسات پئي آهي، صبح 11 وڳي کان پوءِ نارٿ ناظم آباد، ناظم آباد، گلبهار، گرو مندر ۽ گارڊن ۾ تيز برسات پئي. برسات جي دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي غائب ٿيڻ جا به اطلاع آهن.

برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن جي خراب صورتحال سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي. سانوڻي جي موسم ۾ نه صرف روڊن تان پاڻي جي نيڪال جا انتظام بهتر ڪيا وڃن پر روڊن کي سفر جي قابل بنائڻ جا به قدم کنيا وڃن.

موسميات کاتي موجب سڀاڻي به برسات جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ صبح کان هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ برسات گلشن معمار ۾ 23 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. سعدي ٽائون ۾ 17، گلشن حديد ۾ 3، يونيورسٽي روڊ تي 11 ملي ميٽر، پي اي ايف فيصل بيس 9، ناظم آباد 8.2 ايئرپورٽ اولڊ ايريا ۾ 3.2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

ڪورنگي ۾ 4.4 ۽ سعدي ٽائون ۾ 18 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. سرجاني ٽائون ۾ 22، جناح ٽرمينل 6 ۽ ڪياماڙي 2.5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڪراچي ۾ اڄ وقفي وقفي سان برسات جاري رهندي. سڀاڻي به ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو امڪان آهي جڏهن ته ٻوڏ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. هڪ ٻيو چوماسي جو سسٽم 5 يا 6 جولاءِ تي سنڌ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔