جعلي اڪائونٽس ڪيس:آصف زرداري تي وڊيو لنڪ ذريعي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري تي هڪ دفعو ٻيهر فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو جنهن ڪري عدالت هاڻ وڊيو لنڪ ذريعي 6 جولاءِ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ان سلسلي ۾ آصف زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ هن پنهنجي مؤڪل جي حاضري کان استشنيٰ جي درخواست ڪئي.

فاروق ايڇ نايئڪ ٻڌايو ته يوسف رضا گيلاني عدالت ۾ پيش ٿيو هو ته ان کي ڪورونا وائرس ٿي ويو ۽ آصف زرادري لاءِ سفر ڪرڻ مشڪل آهي، هن جي عمر وڌيڪ آهي ۽ ڪورونا جو خطرو به وڌيڪ آهي.

ان تي جج اعظم خان مڪالمو ڪيو ته توهان به پيش ٿي رهيا آهيو ڇا توهان کي زندگي پياري ناهي، جڏهن توهان پيش ٿي رهيا آهيو ته پوءِ آصف زرداري کي به گهرائي وٺو، جيڪڏهن وڌيڪ مسئلو آهي ته انکي الڳ گهرائي کانئس صحيح وٺو.

ان کان پوءِ عدالت آصف زرداري جي غيرحاضري سبب ان تي فرد جرم لاڳو نه ڪيو ۽ 6 جولاءِ تي وڊيو لنڪ ذريعي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ نامزد جوابدارن کي به فرد جرم ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو آهي جڏهن ته نيب کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ انظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔