اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ايران-اسرائيل جنگ علائقائي ۽ عالمي سلامتي لاءِ خطرناڪ آهي، تنهن ڪري عالمي برادري کي ان کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن، ايران-اسرائيل جنگ مان پيدا ٿيندڙ صورتحال پريشان ڪندڙ آهي، پاڪستان ايران خلاف اسرائيل جي کليل جارحيت جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ عالمي برادري کي ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي حاصل ڪرڻ لاءِ فوري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. فلسطيبني علائقن ۾ ظلم ٿي رھيو آھي، وزيراعظم شھباز شريف ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تھ 2023 ۾ مشڪل حالتن کي منھن ڏنو ۽ ڪنٽرول ڪيو،بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ پارليماني وفد آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڀرپور نمائندگي ڪئي،بجيٽ ۾ پگھار 10 سيڪڙو ڪئي آھي