ڪراچي: هاڪس بي سمنڊ ۾ وهنجندي 3 نوجوان ٻڏي ويا

ڪراچي: هاڪس بي سينڊ از پٽ ڀرسان سمنڊ ۾ وهنجندي 3 نوجوان پاڻي ۾ ٻڏي ويا. رپورٽ موجب ماڙيپور ٿاڻي جي علائقي باڪس بي سينڊ از پٽ بٽ نمبر ايس 67 جي ڀرسان سمنڊ ۾ وهنجندي 3 نوجوان پاڻي جي وڏين ڇولين سبب ٻڏي ويا. ٻڏي ويل نوجوانن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ لائف گارڊز ۽ ايدهي بحري خدمتن جي ٽيم طرفان فوري آپريشن شروع ڪيو ويو.

انهي دوران پوليس به موقعي تي پهچي وئي، لائف گارڊز ۽ ايدهي بحري خدمتن جي ٽيم ريسڪيو آپريشن جي دوران هڪ نوجوان کي بيهوشي جي حالت ۾ ڪڍي ورتو جڏهن ته هڪ نوجوان جي لاش کي سمنڊ مان ريسڪيو ڪيو ويو آهي.

ٽئين نوجوان جي ڳولا ۾ لائف گارڊز ۽ ايدهي بحري خدمتن جي ٽيم جو آپريشن جاري آهي. سمنڊ مان بيهوش يجي حالت ۾ ڪڍيل نوجوان ۽ ٻڏي فوت ٿي ويل نوجوان جي لاش کي قانوني ڪارروائي جي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي بيهوشي جي حالت ۾ آندل نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ايس ايڇ او ماڙي پور سردار عباسي ٻڌايو ته ٻڏي فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ علي حسن ۽ بيهوشي جي حآلت ۾ ڪڍيل نوجوان جي سڃاڻپ فرحان شاهه جي نالي سان ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته ٻڏي گم ٿي ويل نوجوان جو نالو جميل نويد ٻڌايو پيو وڃي. ٽئين نجوان نارٿ ڪراچي جا رهواسي آهن، جيڪي پڪنڪ جي لاءِ  هاڪس بي سينڊ از پٽ جي هنڌ تي آيا هئا ۽ سمنڊ ۾ وهنجندي حادثي جو شڪار ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔