تل ابيب: اسرائيل جي قومي سلامتي صلاحڪار چيو آهي ته ايران وٽ اڃا تائين هزارين بيلسٽڪ ميزائل آهن. اسرائيلي ميڊيا موجب، اسرائيل جي قومي سلامتي صلاحڪار زچي حنيبي چيو ته ايران سان موجوده تڪرار اهڙي جنگ ناهي جيڪا ڊگهي مدت ۾ ايراني خطري کي ختم ڪري ڇڏي. اسرائيلي صلاحڪار چيو ته ايران وٽ اڃا تائين هزارين بيلسٽڪ ميزائل آهن. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ زچي حنيبي هڪ بيان ۾ چيو هو ته ايران جو ايٽمي پروگرام فوجي مهم سان مڪمل طور تي تباهه نٿو ڪري سگهجي. اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اسرائيلي فوجي تجزيه نگارن جو اندازو آهي ته سوين ميزائل فائر ڪرڻ جي باوجود، ايران وٽ اڃا تائين 1,500 کان 2,000 ميزائل آهن.