اسحاق ڊار جو سعودي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي رابطو: لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق

اسلام آباد: پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي هم منصب شهزادي فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن ڀائراڻن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سمورن شعبن جي ٻطرفن تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن خطي جي موجوده صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ياد رهي ته 2 هفتا اڳ به پاڪستان ۽ سعودي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ رابطو ٿيو هو جنهن ۾ اسحاق ڊار ڀارتي حملي کان پوءِ پاڪستان جي رد عمل کان آگاهه ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔