ريلوي ٽريڪ تي پٿر ڇو هوندا آهن؟

توهان ريل گاڏين جا ٽريڪ ته ضرور ڏٺا هوندا پر ڇا ڪڏهن سوچيو آهي ته انهن تي ايترا گهڻا پٿر ڇو هوندا آهن؟
ان جو جواب ڏاڍو دلچسپ آهي، اهي معمولي نظر ايندڙ پٿر اصل ۾ توهان جي جان بچائين ٿا، يعني اهي ٽرين کي پٽڙيءَ تان لهڻ کان روڪين ٿا.
اهي پٿر اهڙي وزن جو ڪم ڪندا آهن، جيڪو پٽڙيءَ تي لڳل ڪاٺ جي تختن کي پنهنجي جاءِ تان لڏڻ ناهي ڏيندو ۽ ٽرين پٽڙيءَ تان هيٺ ناهي لهندي.
اهو حقيقت ۾ انجنيئرن لاءِ هڪ وڏو چئلينج هو ته ڪيئن ميلن تائين پکڙيل اسٽريل ٽريڪ، جنهن کي ٽرين جي وزن، رفتار ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ حرارت کي برداشت ڪرڻو آهي، پنهنجي جاءِ تان نه لُڏي، جڏهن ته اتي ٻوٽا به نه ڦُٽي سگهن.
پوءِ ان دلچسپ مسئلي جو حل لڳ ڀڳ 200 سال اڳ پٿرن جي صورت ۾ نڪتو ۽ اڄ تائين ان ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي.
اُن وقت جي انجنيئرن خالي ميدانن ۾ ٽريڪ وڇائڻ کانپوءِ ان جي بنياد کي ايترو مٿانهون ڪيو جو پاڻيءَ ۾ نه ٻڏي، پوءِ ان بنياد تي وڏي مقدار ۾ پٿر وڇايا ويا، جنهن کانپوءِ ڪاٺ جا تختا لڳايا ويا، هر هڪ ميل جي اندر 3249 تختا لڳايا ويا.
انهن ڪاٺ جي تختن جي وچ ۾ پٿرن کي ڀريو ويو، جيڪي تختن کي ترڪڻ کان روڪيندا آهن ۽ اهي پنهنجي جاءِ تي مضبوطي سان لڳل رهندا آهن.
ته اهو صديون پراڻو عمل اڃا تائين اثرائتو ثابت ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهن کي هزارين ميل سفر ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي ۽ ڪا به موسم هجي پر ٽرين جي سفر ۾ خلل پيدا ناهي ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔