پاڪ ڀارت ڊي جي ايم اوز جو ٽيون ڀيرو هاٽ لائن تي رابطو: جنگبندي برقرار رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد: پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊائريڪٽر جنرلز آف ملٽري آپريشنز(ڊي جي ايم اوز) جي وچ ۾ اربع جي ٻنپهرن جو هاٽ لائن جي ذريعي رابطو ٿيو. جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيز فائر کان پوءِ ٽيون ڀيرو رابطو ٿيو آهي.

اهو سيز فائر آمريڪا ۽ ٻين دوستانه ملڪن جي ڪوششن سان ممڪن ٿيو هو. ٻنهي ڊي جي ايم اوز زميني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته انهي رابطي جا تفصيل ڪنهن به طرف کان منظر عام تي نه آيا، باخبر ذريعن ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن سيز فائز برقرار رکڻ ۽ اڳوڻو رابطو(جيڪو سومر تي ٿيو هو( ۾ طئي ٿيل اسٽيٽيس کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ترجمان سفير شفقات علي خان انهي حوالي سان اڄ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندا. هوڏانهن سفارتي ذريعن ٻڌايو ته دنيا جي ڪيترن ئي اهم گادي وارن شهرن ٻنهي ملڪن سان مسلسل رابطا ۾ آهن ۽ انهن تي زور ڏئي رهيا آهن ته اهي ڇڪتاڻ کي وڌائڻ کان پاسو ڪن ۽ جلد کان جلد اعتماد سازي جا قدم کڻن ته جيئن باضابطه ۽ اعليٰ سطحي ڳالهين جي راهه هموار ڪري سگهجي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته انهي سلسلي ۾ ڪيتريون ئي تجويزون غور هيٺ آهن. پاڪستان جي ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ ۽ ڀارت جي اجيت ڊول تي ٻڌل نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر جي سطح تي ملاقات جو امڪان آهي. ڇو ته ٻنهي جي وچ ۾ شروعاتي ڳالهيون ٿي چڪيون آهن. اهي ٻئي شخصيتون هڪ اهڙي حڪمت عملي طئي ڪري سگهن ٿيون جيڪي سياسي سطح تي ڪمپوزٽ ڊائيلاگ(جڙيل ڳالهين) جي بحالي جو درجو بڻجندي. جيئن ته ماضي ۾ ڪيترن ئي سالن تائين اسلام آباد ۽ نئين دهلي ۾ سپرڏيهي سيڪريٽري جي سطح تي ٿيندو رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔