گوگل جي نئين اينڊرائيڊ 16 آپريٽنگ سسٽم ۾ ڇا نئون هوندو؟

نيويارڪ : گوگل هر سال اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم جو هڪ نئون ورزن متعارف ڪرائيندو آهي، 2025 ۾ به اينڊرائيڊ 16 نالي نئون آپريٽنگ سسٽم جون ۾ متعارف ڪرايو ويندو،گوگل هن سال سالياني ڊولپر ڪانفرنس کان اڳ پهريون ڀيرو اينڊرائيڊ شو نالي هڪ تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ اينڊرائيڊ 16 جون خاصيتون ٻڌايون ويون، گوگل طرفان هن نئين آپريٽنگ سسٽم ۾ صارفين لاءِ گهڻو ڪجهه دستياب هوندو، گوگل پاران مٽيريل 3 ايڪسپريسيو ڊيزائن کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي،هن سال، ڪمپني يوزر انٽرفيس جي هر حصي ۾ قدرتي اينيميشن شامل ڪري رهي آهي.حقيقت ۾ فون اسڪرولنگ، هيپٽڪ رمبل ۽ ٻين روزاني خاصيتن کي استعمال ڪرڻ جو تجربو نئون محسوس ٿيندو، ساڳئي طرح، اپڊيٽ ٿيل ڊائنامڪ رنگ جي ٿيمز ۽ ٽائپوگرافي ۾ پڻ تبديليون نظر اينديون،نوٽيفڪيشن جي ريئل ٽائيم ٽريڪنگ کي آسان بڻائڻ لاءِ گوگل پاران هڪ نئون لائيو اپڊيٽس فيچر پڻ متعارف ڪرايو پيو وڃي، اينڊرائيڊ فونز لاءِ ٽي نوان سيڪيورٽي فيچرز پڻ نئين آپريٽنگ سسٽم جو حصو بڻايا پيا وڃن،مثال طور، هن نئين آپريٽنگ سسٽم ۾ مصنوعي ذهانت (AI) ٽيڪنالاجي تي ٻڌل AI اسڪيم ڳولڻ جو فيچر متعارف ڪرايو ويندو ته جيئن گوگل ميسيجز تي شڪي پيغامن کي بلاڪ ڪرڻ جو عمل وڌيڪ هوشيار ۽ بهتر ٿي سگهي،هڪ فيچر فائنڊ هب آهي، جيڪو بنيادي طور تي هڪ ڊيش بورڊ آهي جنهن ذريعي توهان پنهنجي فون کي ٽريڪ ڪري سگهو ٿا يا ڏسي سگهو ٿا ته توهان جا ٻار محفوظ طور تي گهر پهچي ويا آهن يا نه، هن سروس ۾ ٽئين پارٽي بلوٽوٿ ٽيگ شامل هوندا، جڏهن ته سيٽلائيٽ ڪنيڪٽوٽي سپورٽ پڻ 2025 جي آخر تائين فراهم ڪئي ويندي،اهڙي طرح، جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي موبائل نيٽ ورڪ نه آهي، ته فائنڊ هب ذريعي به اتي ڊوائيسز ڳولڻ ممڪن هوندو،اينڊرائيڊ 16 ۾ ايڊوانسڊ پروٽيڪشن موڊ کي به بهتر بڻايو پيو وڃي،ساڳئي طرح، مالويئر کان بچاءُ لاءِ وڌيڪ سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔