اسلام آباد:؛ جنگبندي کان پوءِ پاڪ ڀارت ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز(ڊي جي ايم اوز) جي وچ ۾ هاٽ لائن تي رابطو ٿيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون شروع ٿي ويون پاڪستان جي ڊي جي ايم او ميجر جنرل ڪاشف عبدالله ۽ ڀارتي ڊي جي ايم او ليفٽيننٽ جنرل راجيو گهائي جي وچ ۾ هاٽ لائين تي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ جنگبندي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.
ڪجهه ڏينهن اڳ 10 مئي جي ٻنپهرن جو ڊي جي ايم اوز جي وچ ۾ رابطو ٿيو هو، جنهن ۾ فوري سيز فائر تي اتفاق ڪيو ويو هو. ٽيليفونڪ رابطي ۾ زميني، فضائي ۽ بحري سميت هر طرح جي فائرنگ ۽ فوجي ڪارروائي روڪڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو.
ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪ ڀارت جنگبندي جو اعلان ڪيو هو، ٻنهي ملڪن مسئلن جي حل لاءِ ٽئي ملڪ جي ٽياڪڙي ۾ ڳالهين جي لاءِ راضپي جو اظهار ڪيو.
آمريڪي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڳالهين جا حامي آهيون. هن چيو هو ته امن جو رستو چونڊ ڪرڻ تي پاڪ ڀارت وزيراعظمن جي دانشمندي جي تعريف ڪريون ٿا. آمريڪا تعميري ڳالهين کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ تعاون جاري رکندو.