ڀارت جي جارحيت جاري، پاڪ فوج ڪراچي، گجرانوالا، لاهور ۾ 3 جاسوس ڊرونز تباهه ڪري ڇڏيا، گهوٽڪي ۾ هاري شهيد

لاهور: ڀارت جو جنگي جنون رڪجي نه سگهيو، پنجاب ۽ سنڌ ۾ اڄ صبح جاسوسي لاءِ آيل ڪيترن ئي ڀارتي ڊرونن کي تباهه ڪيو ويو، جڏهن ته علائقن ۾ ڌماڪي جا آواز به ٻڌا ويا.

گهوٽڪي جي ڳوٺ سرفراز لغاري ۾ ڊرون ڪرڻ سبب هڪ هاري مختيار احمد شهيد ٿي ويو جڏهن ته سندس والد پٽ ۽ 2 نياڻيون زخمي ٿي پيون، گهوٽڪي پوليس ۽ رينجرز واقعي واري هنڌ پهچي وئي. اکين ڏٺن شاهدن موجب ڊرون اڄ صبح جو 4 وڳي زوردار ڌماڪي سان ڪري تباهه ٿيو. اکين ڏٺن شاهدن موجب  گهوٽڪي ڀرسان کينجو جو مقامي مدرسو يا پوءِ ماڙي انرجي وارو گيس جو کوهه ٽارگيٽ ٿي سگهي ٿو.

گوجرانوالا ۾ صبح جو 2 ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا جنهن کان پوءِ ڪينٽ جي علائقي ۾ لڳل ايئر ڊفينس سسٽم حرڪت ۾ اچي ويو جنهن هڪ ڀارتي ڊرون کي نشانو بنائي ڪيرائي ڇڏيو، ڊرون شهر جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيو ته ڪينٽ ايريا ۾ لڳل ايئر ڊفينس نظام وقت تي رد عمل ڏيندي انهي کي نشانو بنايو.

اهڙي طرح لاهور ۾ والٽن اولڊ ايئرپورٽ ۽ برڪي جي علائقي ۾ حساس هنڌ جي ڀرسان ڀارتي ڊرون ڪارروائي جي ڪوشش ڪئي پر پاڪ فضائيه جي ايئر ڊفينس سسٽم ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو. ڊرون جي فضا ۾ اڏام ۽ تباهه ٿيڻ سبب عوام ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. جڏهن ته مقامي ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.

جدو پارڪ جهيل ڀرسان پاڪ فوج ڀارتي ڊرون ڪيرائي ڇڏيو جنهن کان پوءِ جلو پارڪ ۾ داخلا بند ڪيو ويو، پوليس ايلٽ فورس جي  ڳري نفري داخلي رستي تي مقرر آهي.

ڪراچي جي علائقي ملير، شرافي ڳوٺ ۾ به ڊرون ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن جنهن تي مقامي پوليس علائقي ۾ گهيري ۾ آڻي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

نيو ٽائون ٿاڻي جي علائقي ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي ڀرسان دڪان تي نامعلوم ڊرون ڪريو، گيٽ نمبر 5 ڀرسان توقير عباس ۽ حيدر علي ڊرون ڪرڻ سبب زخمي ٿيا. ريس ڪورس گرائونڊ جي ڀرسان به ڊرون جهاز ڪرڻ جا اطلاع مليا. پوليس ۽ فوج جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي، ويجهن پرائيويٽ اسڪولن ۾  ٻارن کي موڪل ڏني وئي. ياد رهي ته اهڙن واقعن کان پوءِ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔