اسلام آباد: پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، سنڌو پاڻي معاهدي جي معطلي تي خدشن جو اظهار ڪندي، پاڪستان ۽ ڀارت تي زور ڏنو آهي ته اهي فوجي تڪرار کان پاسو ڪن ۽ سفارتي ذريعا اختيار ڪن.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، پاڪستان جي درخواست تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڀارت-پاڪستان مسئلي تي بند ڪمري جو اجلاس منعقد ڪيو، جنهن ۾ خطي ۾ بگڙجندڙ سيڪيورٽي صورتحال ۽ ڀارتي اشتعال انگيز ڪاررواين تي بحث ڪيو ويو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، اجلاس ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ فوجي تڪرار کان بچڻ ۽ سفارتي ذريعن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪيترن ئي ميمبرن ڪشمير مسئلي کي علائقائي عدم استحڪام جو بنيادي سبب قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق حل ڪيو وڃي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، پاڪستاني وفد اجلاس کي 23 اپريل جي ڀارت جي هڪ طرفي ڪارروائين تي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڀارت جي اشتعال انگيز ڪارروائين جا سنگين نتيجا ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته انٽيليجنس رپورٽن ۾ ڀارت طرفان ممڪن فوجي ڪارروائي بابت خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن، ۽ ڀارت جي رياستي دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو به حوالو ڏنو ويو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. جارحيت جي صورت ۾، پاڪستان کي گڏيل قومن جي چارٽر تحت پاڻ جو دفاع ڪرڻ جو حق آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان پهلگام حملي بابت ڀارتي الزامن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو. تحقيق ۽ ثبوتن کان سواءِ الزام لڳائڻ قابل مذمت آهي. ڀارت ڪشميري جدوجهد کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اهڙن واقعن کي استعمال ڪري ٿو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، سنڌو پاڻي معاهدي کي معطل ڪرڻ ڀارت جو هڪ خطرناڪ قدم آهي. دريائن جي وهڪري کي روڪڻ يا موڙڻ جنگ جي برابر هوندو، ۽ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن به سنڌو پاڻي معاهدي کي معطل ڪرڻ تي تحفظات جو اظهار ڪيو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي ثالثي جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته عالمي برادري کي فوري طور تي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.