سينٽرل ايشين والي بال چيمپئن شپ پاڪستان کان ازبڪستان منتقل

اسلام آباد : سينٽرل ايشين والي بال چيمپئن شپ پاڪستان کان ازبڪستان منتقل ڪئي وئي آهي.پاڪ-ڀارت تڪرار جي ڪري ايونٽ پاڪستان کان منتقل ڪيو ويو آهي.ايونٽ اڳ ۾ 29 مئي کان اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻو هو، پر هاڻي ساڳئي تاريخن تي ازبڪستان ۾ منعقد ڪيو ويندو.پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار جي ڪري ٽيمون پاڪستان اچڻ کان لنوائي رهيون هيون.پاڪستان والي بال فيڊريشن ايونٽ کي پاڪستان کان منتقل ڪرڻ جي تصديق ڪئي.ايونٽ کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو تازو نيپال ۾ سينٽرل ايشين والي بال فيڊريشن جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔