نواز ليگ پاران پ پ کي جواب ڏيڻ جو فيصلو، بجيٽ کانپوءِ نئين سيٽ اپ جو امڪان

ڪراچي : هڪ وفاقي وزير نالو نه وٺڻ جي شرط تي ٻڌايو ته اسان حڪمت عملي ٺاهي ڇڏي آهي، سڀني کي خبر پئجي ويندي. هن چيو ته ڪئنالن جي معاملي کي سمجهو ته اهو ڪالاباغ 2 آهي، هي ان جيترو ئي خطرناڪ هو ۽ تڪراري بڻيو، وقتي طور تي اهو معاملو ٽاريو ويو آهي، حڪومت جي هاڻوڪي سيٽ اپ ۾ شايد ٻيهر ڪئنالن جي منظوري نه ٿئي پر ڪو ٻيو سيٽ اپ اچي ويو ته ٻي ڳالهه هوندي.  ڪئنالن جي معاملي کانپوءِ زمينن جي حوالي سان هن ٻڌايو ته جن زمينون ڏنيون آهن انهن کان سوال ڪيو وڃي، جيئن پنجاب جي زمين ڏني وئي آهي ته وزيراعليٰ کان پڇو. سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمين ڏني آهي ته انهن کان پڇو. اسان پنهنجي ذميواري لاهي ڇڏي آهي، هاڻي صوبن تي دٻاءُ وجهو ته اهي زمينن کي ڪينسل ڪن. زمينن جي معاملي تي ٻيهر روڊ بند ٿيا ته پوءِ ڇا ٿيندو واري سوال تي هن چيو ته پوءِ به صوبائي حڪومتون ذميواريون هونديون، لا اينڊ آرڊر جو مسئلو سندن ئي ڳچي ۾ رهندو. هن چيو ته اسان جيڪو ڪجهه ڪنداسين بجيٽ کانپوءِ ڪنداسين، بجيٽ تائين اسان رڳو ڏسي رهيا آهيون، جن اسان سان جيڪو ڪيو آهي اسان انهن سان ڪنداسين. پيپلزپارٽي بابت پڇڻ تي هن خاموشي اختيار ڪري ورتي. ان مان مطلب آهي ته کين اها ڳالهه سمجهي ورتي آهي ته پ پ ساڻن ٺڳي ڪئي آهي.  هن چيو ته بجيٽ تائين ته اسان جون مجبوريون آهن، ملڪي حالتن کي ڏسندي اسان ڪو اهڙو ڪم نٿا ڪري سگهون جنهن سان غلط تاثر وڃي. وفاقي وزير چيو ته ايندڙ چونڊ ۾ يا مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي سان گڏ نه هلنداسين، ماضي ۾ اسان جا اتحادي سنڌ ۾ موجود آهن انهن سان ڳالهائينداسين ۽ رابطا وڌائينداسين. لڳي ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي غور هلي رهيو آهي ته اڳتي هلي کين سنڌ بابت فيصلا ڪرڻا آهن.  ٻئي پاسي صورتحال اها آهي ته اڌ ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته ڪئنالن جو معاملو دفن ٿي ويو پر اڌ سمجهن ٿا ته معاملو اڃا ختم ناهي ٿيو ٽريو آهي.   قرباني واري عيد کانپوءِ قربانين جي تحريڪ شروع ٿيندي، وڏيون قربانيون ٿي سگهن ٿيون ۽ اهي سياسي هونديون، ان جي نتيجي ۾ نئين تاريخ جنم وٺندي. اها سندن سوچ ٿي سگهي ٿي ۽ وقت ۽ حالتن تي اهي شيون تبديل ٿي وينديون آهن.  هوڏانهن پهريان جيڪي فوٽو ايندا هئا انهن ۾ وچ ۾ بلاول ڀٽو زرداري، هڪ پاسي وڏو وزير ۽ ٻئي پاسي سينيئر وزير هوندو هو. هاڻي جيڪي فوٽو اچن ٿا انهن ۾ وچ ۾ بلاول ڀٽو زرداري، هڪ پاسي وڏو وزير ۽ ٻئي پاسي ڄام خان شورو يا ناصر شاهه يا ٻيا ماڻهو نظر اچن ٿا. ماڻهو سمجهن ٿا ته تصويرن مان ڪا شئي گم آهي. تصويرن ۾ جيڪا شئي گم ٿي رهي آهي اها به ڏاڍي اهم آهي، سنڌ ڪابينا ۾ بااثر ۽ بي اثر به آهن، ڪي پريشان ۽ ڪي راضي به آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔