ڀارتي جهاز جي پيٽرولنگ،پاڪ فزائيه جي ڪاروائي،واپس وڃڻ تي مجبور

اسلام آباد: : ڀارتي فضائيه جي رافيل جهازن والاريل ڪشمير ۾ پيٽرولنگ ڪئي جنهن جي پاڪ فضائيه فوري طور تي نشاندهي ڪري ورتي.سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪالهه رات ڀارتي ايئر فورس جي 4 رافيل جهازن والاريل ڪشمير ۾ پيٽرولنگ ڪئي،پر اهي پنهنجي جغرافيائي حدن جي اندر ئي رهيا، اها اڳڀرائي ڀارتي فضائيه طرفان چڙ ڏياريندڙ ارادن جي عڪاسي ڪري ٿي، پاڪ فضائيه جي جهازن ڀارتي جنگي جهازن جي فوري طور تي نشاندهي ڪري ورتي.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فضائيه جي وقت تي ڪارروائي دوران ڀارتي رافيل جهاز واپس وڃڻ تي مجبور ٿي ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج ڪنهن به ڀارتي جارحيت کي هر وقت وقت جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي اطلاعات واري وزير عطا تارڙ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته ڪجهه رپوٽون سامهون آيون آهن ته ڀارت ايندڙ 24 کان 36 ڪلاڪن ۾ حملو ڪري سگهي ٿو.اهو واقعو اهڙي وقت تي پيش آيو آهي جڏهن خطي ۾ اڳ ئي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي ۽ ڪنهن به غلط قدم سان صورتحال ڪنهن وڏي جهيڙي جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔