ايراني بندرگاهه تي ڌماڪو، 4 فوت، 500 کان وڌيڪ زخمي

بندرعباس : ايران جي شهر بندرعباس جي بندرگاهه تي ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 500  کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. ايراني ميڊيا موجب ڌماڪو بندر عباس ۾ شاهد رجائي پورٽ تي واقع هڪ انتظامي عمارت ۾ ٿيو، جنهن جو آواز پري تائين ٻڌو ويو.ايراني ميڊيا جي رپورٽ موجب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جو انگ 400 کان وڌي ويو آهي. ڌماڪي کان پوءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.ايران جي هرمزگان صوبي جي ڪرائسس مئنيجمينٽ سيل جي سربراهه چيو ته ڌماڪو تمام گهڻو طاقتور هو، پر ڌماڪي جو سبب اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔