ڌرڻي جو چوٿون ڏينهن،عدالتي بائيڪاٽ جو اعلان، سپلاءِ بند، تيل جي کوٽ

سکر: ٻٻرلوءِ ۾ لڳل ڌرڻو ڇوٿين ڏينهن به جاري آهي جنهن ۾ اڄ مختلف اسڪولي ٻارڙن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي،سنڌ بار ڪائونسل سومر تي سڄي سنڌ ۾ ڪينالز خلاف لڳل ڌرڻي جي حمايت ۾ عدالتي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. صدر بار عامر نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌين جي محبت بي مثال آهي،ھڪ ماڻھو نياڻي جي ڏاج جا پيسه کپائي ناشتي جو بندوبست ڪيو، ھوٽل وارا پئسا ڪون ٿا وٺن، ماني، چانھ ھر شئي بغير چئي پھچي وڃي ٿي ،سنڌ جي عوام سوچ کان وڌيڪ محبت ڏني آھي، وڪيل اڳواڻ پاران حڪومت کي ڏنل 72 ڪلاڪن جو ٽائيم اڄ پورو ٿيندو جنهن جو اعلان شام 5  وڳي وڪيل اڳواڻ پريس ڪانفرنس ڪري اڳتي جي پلان بابت ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌائيندا

ڪراچي ۾ وڪيلن عدالت ڪاروائين جو بائيڪاٽ  ڪري جي مک روڊ جيڪا سپريم ڪورٽ،هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ويندڙ  روڊ ايم اي جناح روڊ بند ڪري ڪينالن خلاف سخت نعريبازي ڪئي،وڪيل اڳواڻن چيو ته اسان جي پرامن جدوجهد آهي اسان پنهنجا حق وٺنداسين پنجاب کي سنڌو مٿان ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين پنهنجي دريا جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين

.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔