اسلام آباد: ملڪ ۾ تازين برساتن جي ڪري پاڻي جي سطح بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، ۽ ارسا پنجاب ۽ سنڌ کي پاڻي جي فراهمي وڌائي ڇڏي آهي، ارسا جي ترجمان موجب، پنجاب کي پاڻي جي فراهمي 23,800 ڪيوسڪ وڌائي 64,800 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي.سنڌ کي پاڻي جي فراهمي 10,000 ڪيوسڪ وڌائي 45,000 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي،بلوچستان کي پاڻي جي فراهمي 500 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته خيبرپختونخواه کي 1900 ڪيوسڪ آهي، خريف لاءِ پاڻي جي کوٽ جو اندازو 43 سيڪڙو کان گهٽائي 27 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.