ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ بيٽ جي سائيز بابت تڪرار ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڪرڪيٽ بيٽ جي حوالي سان پهريون تڪرار 1771ع ۾ تڏهن سامهون، اصل ٿامس وائيٽ نالي هڪ رانديگر ميچ دران وڪيٽن جي ويڪر برابر بيٽ سان ميدان تي لٿو، جنهن کانپوءِ ئي بيٽ جي ماپ لاءِ باقاعده قاعدا مقرر ڪيا ويا.
هاڻوڪي دور ۾ به بيٽ جي ماپ ۽ شڪل بابت بحث جاري آهن.
ماضيءَ ۾ آندري رسل، ڪرس گيل، ميٿو هيڊن ۽ رڪي پونٽنگ جهڙن رانديگرن جون بيٽون پڻ تڪراري رهيون آهن.
جڏهن ته اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڊينس للي طرفان استعمال ڪيل ايلومينيم بيٽ به تڪرار جو سبب بڻي هئي.
ويجهڙ آءِ پي ايل جي 18هين سيزن دوران ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر ڪاگيسو ربادا بيٽ ۽ بال ۾ توازن نه هئڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي.
هن چيو ته اڄڪلهه ٽيمون ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ 300 رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن، تنهنڪري هاڻي هن راند کي ”ڪرڪيٽ“ بدران ”بيٽنگ“ سڏڻ کپي. ان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) بيٽ جي سائيز تي نظر رکڻ لاءِ امپائرن کي هدايتون جاري ڪيون آهن.
بي سي سي آءِ هدايت ڪئي آهي ته هاڻي هر بيٽر کي بيٽنگ شروع ڪرڻ کان اڳ پنهنجي بيٽ چيڪ ڪرائڻي پوندي.
بي سي سي آءِ موجب، اوپنرن جي بيٽن جي جاچ چوٿون امپائر ڪندو، جڏهن ته ان کانپوءِ ايندڙ بيٽرن جي بيٽن جو معائنو ميدان ۾ موجود امپائر ڪندا.
واضح رهي ته اهڙو قدم آءِ پي ايل ۾ ڪجهه رانديگرن طرفان بيٽ جي مقرر حد جي ڀڃڪڙي کانپوءِ کنيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ دهلي ڪيپيٽلز جي فاسٽ بالر موهت شرما به بي سي سي آءِ جي ان فيصلي کي ساراهيندي چيو ته” اچو ته بيٽ چيڪ ڪندا رهون، ٽورنامينٽ ۾ وڏا وڏا ڇڪا لڳي رهيا آهن، جيڪڏهن ڪو بيٽر ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪري ته ان تي پابندي لڳائي سگهجي ٿي.“
ڪرڪيٽ جي قانون ۽ بيٽ جي ماپ
ايم سي سي (ملبورن ڪرڪيٽ ڪلب) جي قانونن پٽاندڙ بيٽ جي وڌ ۾ وڌ ڊيگهه 38 انچ (96.52 سينٽي ميٽر) ۽ وڌ ۾ وڌ ويڪر 4.25 انچ (10.8 سينٽي ميٽر) هوندي آهي. بيٽ جي پاسن جي ويڪر 1.56 انچ (4.0 سينٽي ميٽر) تائين ٿي سگهي ٿي.
آءِ پي ايل ۾ هن وقت بيٽ جي ٿولهه 2.68 انچ ، ويڪر 4.33 انچ ۽ ڪنارن کان 1.61 انچ تائين هوندي آهي.
گذريل سال انگلينڊ جي ڪائونٽي ٽيم ايسڪس کي ضابطن کان وڏي بيٽ استعمال ڪرڻ تي 12 پوائنٽس جي ڪٽوتي به ڪئي وئي هئي، جڏهن ته اهي ناٽنگھم شائر خلاف ميچ 254 رنسن سان کٽي چڪا هئا.
آءِ پي ايل ۾ بيٽ جي چيڪنگ جو نئون نظام
نئين سيزن ۾ هاڻي بيٽ جي جاچ رڳو ميچ کان اڳ نه پر ميچ دوران به ڪئي ويندي.
ان کان پهرين رڳو ميچ کان هڪ ڏينهن اڳ ڏينهن بيٽن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي هئي پر خدشو هوندو هو ته رانديگر ٻئي ڏينهن مختلف بيٽ سان ميدان ۾ اچي سگهن ٿا.
هاڻي هارڊڪ پانڊيا، شمرون هيٽمائر، نتيش رانا ۽ فل سالٽ سميت ڪيترن ئي رانديگرن جي بيٽن کي ميدان ۾ چيڪ ڪيو ويو آهي.
بيٽ جي جاچ دوران امڪان آهي ته ميچ ۾ ٿورو خلل پئجي سگهي ٿو، پر في الحال ڪنهن به رانديگر پاران بيٽ جي ماپ بابت قانون جي ڀڃڪڙي جو معاملو سامهون ناهي آيو.
آءِ پي ايل انتظاميا جي نئين قدم جو مقصد راند ۾ شفافيت ۽ بيٽنگ ۽ بالنگ جي وچ ۾ توازن قائم رکڻ آهي.
نئين پاليسي تحت اميد آهي ته هاڻي مقرر حد کان وڏا يا ٿولها بيٽ استعمال ٿيڻ جا امڪان گهٽجي ويندو.