حيدرآباد: سنڌ جي کدڙن فقيرن به سنڌو مان چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف روڊن تي اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
مريم شيخ، ثنا خان، بنديا راڻا ۽ ٻين حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڀاڻي اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو.
هنن ”ڪئنال سمورا نامنظور“، ”درياهه تي ڌاڙو نامنظور“ جا نعرا پڻ هنيا ويا.
اڳواڻن چيو ته سنڌوءَ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف اسين سنڌ جي عوام سان گڏ آهيون، سنڌوءَ تي ڪئنال ڪنهن به صورت قبول ناهن.
