اسلام آباد: پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته حڪومت 11 مهينن کان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ناهي گهرايو، اسان اتحاد ۾ آهيون، حڪومت اتي ئي اجلاس گهرائي پڇا ڪري ها ته توهان جا ڪهڙا خدشا آهن، مسلم ليگ نواز کي اتحاد ۾ رهڻو آهي ته ڳالهيون ته ڪرڻيون پونديون، اهو ڪو ننڍو مسئلو ناهي، پاڻي بنيادي حق آهي.
هن چيو ته پڇڙي جا آبادگار ربيع سيزن ۾ فصل نه پوکي سگهيا،پاڻي جي معاملي تي ماضي ۾ به تحريڪون هلي چڪيون آهن،پ پ مزاحمت ڪرڻ تي آئي ته دمادم مست قلندر ٿيندو، مزاحمت جي سياست اسان کي ڳائي وڄائي ڪرڻ اچي ٿي، ڪي پي ۾ سنڌودرياهه ۾ موجون نظر اچي رهيون آهن، اسان کي مزاحمت جي سياست ڏانهن ڇو پيو ڌڪيو وڃي.