ڪشمور ۽ ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻا، سنڌ جو ملڪ سان زميني رابطو معطل، گاڏين جون قطارون لڳل

سکر: ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي تڪراري ڪئنالن خلاف وڪيلن جو ڌرڻو شروع ٿي ويو آهي، جنهن سبب سنڌ پنجاب ڏانهن ٽريفڪ جي اچ وڃ مڪمل طور بند ٿي وئي آهي وڪيلن جي ڌرڻي ۾ جسقم جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ فتاح سميجو ، جي يو آءِ راشد محمود سومرو،رياض چانڊيو پڻ شامل ٿي ويا آهن جڏهن ته ڌرڻي ۾ اسڪولي شاگرد، شهري، اديب، سماجي اڳواڻ ۽ زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل آهن هر طرف سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف جذباتي نعرن جي گونج ٿي رهي آهي. ڪينالن خلاف ڪراچي بار جي صدرعامر نواز وڙائچ جي سربراھي ۾ وڪيلن جو وڏو قافلو ڪراچي کان سکر پهچي ويو،سکر پھچڻ تي سندگلن جي ورکا ڪري آجيان ڪئي،ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جا نعريبازي پڻ ڪئي.پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي سيڪريٽري جنرل سردار عبدالرحيم ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي قافلي جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو، سردار عبدالرحيم سنڌ جي مفاد ۾ وڪيلن جي هن بهادر قدم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ڪنهن به حالت ۾ سنڌو درياءَ تي 6 نوان تڪراري واهه ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي سنڌ جي ماڻهن پيپلز پارٽي کي جوابده بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جو سيڪريٽري جنرل سردار عبدالرحيم ڪينالن خلاف وڪيلن جي پرامن احتجاجي تحريڪ جي حمايت ڪري ٿو، علامه شهنشاه نقوي جو ڪئنالن خلاف سخت ردعمل ڏيندي چيو آھي تھ سنڌ اڳ ۾ ئي پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي جيڪڏهن ڪئنال ٺاهيا ويا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي، وفاقي حڪومت کي گهرجي ته ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي، جيڪڏهن سڀئي سنڌ واسي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويا ته جهموري انقلاب اچي ويندو جيڪو سنڌ مان شروع ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، ھوڏانھن ترجمان موٽروي عوام کي آگاھي ڏيندي چيو آھي تھ ٻٻرلوءِ ايندڙ شھرين اچڻ کان پاسو ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔