چين آءِ ايم ايف پروگرام سميت هر موقعي تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چين آءِ ايم ايف پروگرام سميت هر موقعي تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.

زرعي اسڪالر شپ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جا زرعي گريجوئيٽس اعليٰ تعليم لاءِ چين وڃي رهيا آهن، پاڪستان چين مان اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جي تجربن مان فائدو کڻندو. پاڪستاني شاگردن کي اسڪالر شپ ڏيڻ تي چيني حڪومت جا ٿورائتا آهيون.

هن چيو ته  مون کي چين جي دوري دوران زرعي يونيورسٽي ۾ ٿيل تحقيق تمام گهڻو متاثر ڪيو، پاڪستاني شاگرد بيجنگ ۽ اسلام آباد ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندا، پاڪستان جي ترقي ۾ نوجوان جو اهم ڪردار آهي.

هن ٻڌايو ته اسڪالر شپ پروگرام لاءِ زرعي گريجوئيٽس جي ميرٽ تي چونڊ ڪئي وئي، زرعي گريجوئيٽس جي چونڊ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ چئني صوبن مان ڪئي وئي، اسڪالر شپ تي چين ويندڙ گريجوئيٽس ۾ بلوچستان جي ڪوٽا 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته چين هر موقعي تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو، آءِ ايم پروگرام ۾ به چين جو ڪردار مثالي هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔