بجيٽ ۾ مهانگائي جو طوفان، کاڌي پيتي جي شين تي ڳرا ٽيڪس لڳڻ جو امڪان

اسلام آباد: ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي تياريون جاري آهن، ۽ ذريعن موجب حڪومت ٽئڪس آمدني وڌائڻ لاءِ کاڌي پيتي شربتون، جوس، بوتلون مهانگيون ٿينديون، جن شين تي ٽئڪس  وڌائڻ تيغور ڪري رهي آهي، جنهن سبب اهي شيون مهانگيون ٿي سگهن ٿيون۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته سافٽ ڊرنڪس، مشروبات ۽ جوس مهانگا ٿيڻ جو امڪان آهي۔ ڪاربونيٽيڊ سوڊا واٽر، اضافي فليور وارا مشروبات يا شوگر فري مٺاين تي به اگهن ۾ اضافي جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي۔ انهن شين تي ٽيڪس ڊيوٽي 20 سيڪڙو کان وڌائي 40 سيڪڙو ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.آءِ ايم ايف جي تجويزن مطابق، اليڪٽرڪ گاڏين تي سبسڊي جڏهن ته ڌوڙ ڇڏيندڙ گاڏين تي اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي به تجويز آهي.  ان کان علاوه، کير مان تيار ٿيندڙ صنعتي شين تي به 20 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔ خشڪ، لوڻيا يا ڌوپيل گوشت سميت ٻين گوشت جي شين تي به اگهن ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.ذريعن موجب، چيوگم، ڪينڊي، چاڪليٽ، ڪريم ۽ بئڪري جي شين تي به ٽيڪس جي شرح ۾ 50 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان آهي، جيڪا ايندڙ ٽن سالن ۾ تدريجي طور تي لاڳو ٿي سگهي ٿي۔

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔