لوئر دير: سيڪيورٽي فورسز تيمرگرہ ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي هڪ هاءِ ويليو ٽارگيٽ سميت 2 خارجي دهشتگردن کي دوزخ واصل ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي شعبه تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) مطابق، ڪارروائي دوران هاءِ ويليو ٽارگيٽ حفيظ الله مارجي ويو، جيڪو سيڪيورٽي فورسز سميت بيگناهه شهرين تي حملن ۾ ملوث هو. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حفيظ الله قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهڻو گهربل هو، ۽ حڪومت ان جي مٿان هڪ ڪروڙ رپين جو انعام مقرر ڪيو هو.