چيمپيئنز ٽرافي جي فاتح: ڀارتي ڪپتان روهت شرما کي وڏو انعام ملي ويو

ممبئي: آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڪاميابي کانپوءِ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما کي انعام ملي ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، روهت شرما جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتانيءَ وارو مدو وڌايو ويو آهي، جنهن کانپوءِ هو انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪندو.

روهت شرما جي اڳواڻيءَ ۾ ڀارت چيمپيئنز ٽرافي ۾ ناقابلِ شڪست رهي، جنهن کانپوءِ سليڪٽرز مٿس اعتماد جو اظهار ڪيو.

سليڪشن ڪميٽي موجب، روهت شرما جي قيادت ۾ ٽيم نه رڳو ڪاميابي حاصل ڪئي پر سندس مئنيجمينٽ ۽ ميچ کي سمجهڻ جي صلاحيت به بهترين رهي.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جون کان آگسٽ تائين شيڊيول انگلينڊ جي دوري لاءِ روهت شرما کي مڪمل اعتماد ڏنو ويو آهي ۽ کيس خاطري ڪرائي وئي آهي ته هو ئي انگلينڊ ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتاني ڪندو.

ياد رهي ته بارڊر- گواسڪر ٽرافي ۾ ڀارت کي آسٽريليا هٿان 1-4 تان شڪست ملي هئي، جنهن کانپوءِ روهت شرما جي ڪپتاني خطري ۾ پئجي وئي هئي.

ان سيريز دوران سندس انفرادي ڪارڪردگي به انتهائي خراب رهي، هن ٽن ٽيسٽ ميچن ۾ رڳو 31 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته آخري ٽيسٽ ۾ کيس ڊراپ به ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔