سال ٿي ويو اپوزيشن ڪوڙو اسڪينڊل به آڻي نه سگهي، آءِ ايم ايف قرض لاءِ آرمي چيف گڏجي ڪم ڪيو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هينئر حڪومت ۽ ادارا هڪ ئي ٻيڙي تي سوار آهن، حڪومت کي اتحادين جي ڀرپور حمايت حاصل آهي، اتحادين هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو، حڪومت کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي آئون ۽ آرمي چيف آءِ ايم ايف شرطن هيٺ پرڏيهي سيڙپڪاري جو گيپ پورو ڪرڻ لاءِ دوست ملڪن ڏانهن وياسين، ڪجهه ملڪن جا ڌار ۽ ڪجهه ملڪن جا گڏجي دورا ڪيا، دوست ملڪن کان مدد گهرڻ کانپوءِ اهو گيپ پورو ٿيو، هن چيو ته جڏهن اسان آءِ ايم ايف سان ڳالهائي رهيا هئاسين ته عالمي بينڪ کي خط لکندڙ ڪير هو؟ دهشتگردن کي واپس ڪنهن آندو، ان کان وڌيڪ ملڪ سان ڪهڙي دشمني هوندي؟ اچو ته هڪ ٻئي جو ڄنگهون نه ڇڪيون، سال پهرين معيشت لوڏن ۾ هئي، اسان فوري قدم کڻي ملڪ کي ڏيوالي کان بچائي ورتو، هاڻي ميڪرو اڪنامڪ جا انگ اکر استحڪام ڏانهن وڌي رهيا آهن، مهانگائي جي شرح گهٽجي ڏيڍ سيڪڙو ۽ وياج جي شرح 12 سيڪڙو ٿي ويون، خوارجين کي ختم ڪنداسين ته ترقي جو سفر اُڏام ڪندو، دهشتگردي جو خاتمو ٿيندو ته سيڙپڪاري ايندي، مشڪل آهي پر ناممڪن  ناهي، ملڪ کي پاڻڀرو ڪرڻو آهي ته بهانا ۽ جادو ٽوڻا نه هلندا، اسان 9 مئي جا نه 28 مئي جا علمبردار آهيون. حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي بابت وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس  جي ڪارروائي  ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لائيو ڏيکاري وئي، حڪومت جي ڪارڪردگي رپورٽ عوام آڏو پيش ڪئي وئي، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اپوزيشن هيل تائين حڪومت خلاف هڪ ڪوڙو به اسڪينڊل سامهون نه آڻي سگهي آهي، حڪومت ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، وقت ايندو ته سائي پاسپورٽ جي دنيا ۾ عزت ٿيندي. وزيراعظم 2029ع تائين پاڪستان جي ايڪسپورٽ   کي 60 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ، 2035ع جي ويزن تحت ملڪ کي ٽريلين ڊالرن جي معيشت بڻائڻ ۽ قرضن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، وزيراعظم چيو ته هن مقدس مهيني ۾ فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي ڀرپور اظهار جي ضرورت آهي، غزه ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا جيڪي هڪ سال اڳ چار ارب ڊالر هئا اهي هاڻي 12 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن، هڪ سال اڳ مهانگائي جي شرح 28 سيڪڙو هئي جيڪا گهٽجي 1.6 سيڪڙو ٿي وئي آهي، پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽجي 12 سيڪڙو ٿي ويو آهي، وڌيڪ گهٽتائي جي گنجائش آهي، برآمدات وڌي رهي آهي، مهانگائي گهٽجي رهي آهي ۽ آءِ ٽي ۾ به نمايان اضافو ٿيو آهي. جنهن ريت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف 2018ع ۾ پاڪستان کي اڀرندڙ معيشت بڻايو، اُن جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ عظيم ملڪ بڻجي ويندو، سڄي نظام کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، اي گورننس کي فروغ ڏنو پيو وڃي، ايف بي آر کي مڪمل طور تي ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته 4 هزار ارب رپين جا روينيو ڪيس عدالتن ۾ التوا ۾ آهن، انهن کي نبيرڻ لاءِ تيزي سان ڪم جاري آهي. پاور سيڪٽر ۾ گردشي قرضن کي گهٽائڻ جي ضرورت آهي، خساري ۾ ورتل ادارن کي ختم ڪرڻ کانسواءِ ترقي جو خواب پورو نه رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔