آسٽريليا جو ڊيوڊ بون آءِ سي سي جي ميچ ريفري پينل کان ڌار

لاهور : آسٽريليا جي اڳوڻي بيٽسمين ڊيوڊ بون ڪرڪيٽ ميچ ريفري جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.ڊيوڊ بون آءِ سي سي ميچ ريفريز پينل تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ ڪرڪيٽ آسٽريليا جو بورڊ ميمبر بڻجي ويو آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا ڊيوڊ بون کي بورڊ ۾ خالي عهدي تي مقرر ڪيو آهي.اڳوڻو بيٽسمين ڊيوڊ بون 28 مارچ تي ڪرڪيٽ آسٽريليا بورڊ ۾ شامل ٿيندو.ڊيوڊ بون هن وقت چيمپئنز ٽرافي ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔