اسلام آباد : بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آرمي چيف برطانيه جي اهم دوري تي آهي، پي ٽي آءِ باني، فيض حميد کي آرمي چيف بڻائڻ پئي چاهيو، ڪريل مقصدن لاءِ 9 مئي ۽ 26 نومبر جا واقعا ڪيا ويا، پي ٽي آءِ وارن جي سياست هڪ ذات لاءِ آهي، کين ملڪ جو ڪوبه فڪر ناهي، تحريڪ انصاف ملڪي مفادن کي نقصان پهچاڻ جون سازشون ڪيون، ملڪ خلاف سموريون سازشون ناڪام ٿينديون.اهم انٽرويو ۾ خواجا آصف چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير برطانيه جي اهم دوري تي آهي، جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، پاڪستان ۽ برطانيه جا تاريخي لاڳاپا آهن، ملڪ جي وڏي آبادي برطانيه ۾ رهندڙ آهي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف وارا پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، تحريڪ انصاف باني، فيض حميد کي آرمي چيف بڻائڻ پئي چاهيو، پي ٽي آءِ باني چاهي پيو ته فوج سندس پارٽي جو ذيلي ادارو بڻجي وڃي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته تحريڪ انصاف جهڙي عادت دنيا ۾ ڪنهن پارٽي جي ناهي، تحريڪ انصاف وارا هڪ دور ۾ آرمي چيف کي پيءُ چوندا هئا، پي ٽي آءِ باني آرمي چيف کي قوم جو پيءُ قرار ڏنو هو، جنهن کي پيءُ چوندا هئا ان بابت به بد زباني ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪريل مقصدن لاءِ 9 مئي ۽ 26 نومبر جا واقعا ڪيا ويا، قومي ملڪيتن تي حملا ۽ شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي جا واقعا هڪ حقيقت آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ وارن جي سياست هڪ ذات لاءِ آهي، کين ملڪ جو ڪوبه فڪر ناهي، تحريڪ انصاف ملڪي مفادن کي نقصان پهچاڻ جون سازشون ڪيون. خواجا آصف چيو ته عوام باشعور آهي، تحريڪ انصاف جو ڪريل چهرو سامهون اچي ويو، ملڪ خلاف سموريون سازشون ناڪام ٿينديون. بچاءَ واري وزير چيو ته ملڪي معيشيت مستحڪم ٿي رهي آهي، عالمي ادارا پاڪستان جي معيشيت جي ساراهه ڪري رهيا آهن، تحريڪ انصاف وارن آءِ ايم ايف کي خط لکي معيشيت کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ وارن پروپيگنڊا ڪئي ته ملڪ ڏيوالي جو شڪار ٿي ويندو، هي آمريڪا ۾ لابيز تي پيسا خرچ ڪري رهيا آهن، هڪ طرف پي ٽي آءِ باني جيل مان آرمي چيف کي خط مٿان خط لکي منٿون ڪري رهيو آهي، ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي آرمي چيف خلاف ناڪاري مهم هلائي پئي وڃي. بچاءَ واري وزير چيو ته ڪابه سازش ملڪ کي نقصان نٿي پهچائي سگهي، نواز شريف جا اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف رهيا. خواجا آصف چيو ته نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو پر هن ملڪ خلاف رستو اختيار نه ڪيو، پاڪ فوج هن وقت بي مثال قربانيون ڏئي رهي آهي، هڪ پراسس ذريعي عدليا آزاد ٿي آهي، ڪجهه مهينن ۾ شيون بهتر ٿي وينديون……….