وقت ثابت ڪري ڇڏيو ته مخالفن کي بغض، گارين، بدتميزي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو اچي: نوازشريف

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته مخالفن کي بغض، حسد، گارين، بدتميزي ۽ بدتهذيبي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو اچي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف سان پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي. بهاوالپور، رحيم يار خان، مظفر ڳڙهه، ليه، ڊي جي خان، راجن پور ڊويزن سان تعلق رکندڙ پنجاب اسيمبلي جا ميمبر ملاقات ڪندڙن ۾ شامل هئا.

نوازشريف اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهيون ڪندي چيو ته الله تعاليٰ آساني فرمائي رهيو آهي، معاشي ٽرن آرائونڊ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان ڪاروباري ماڻهن جو اعتماد وڌيو آهي. سخت معاشي حالتن کان پوءِ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، وڌيڪ گهٽتائي سان عوام کي وڌيڪ رليف ملڻ جي اميد آهي.

هن چيو ته الحمدالله تعميراتي ڪم ٻيهر شروع ٿي ويا آهن. شهباز شريف جي محنت جو عالمي مالياتي ادارا به اعتراف ڪري رهيا آهن. وقت ثابت ڪيو ته مخالفن کي بغض، حسد، گارين، بدتميزي، بدتهذيبي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو اچي. هن چيو ته سياسي ميدان، دفاعي ميدان ۽ ترقي جا ميدان ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو شاندار رڪارڊ رکن ٿا.  ترقي جو نه سلسلو نه ٽٽي ها ته ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ ڪافي اڳيان هجي ها عوام کي تڪليفون برداشت نه ڪرڻيون پون ها.

انهي موقعي تي ڳالهيون ڪندي ميمبرن چيو ته جڏهن سڀ نااميد ٿي ويا، نوازشريف هميشه ملڪ ۽ قوم کي نئين اميد ڏني، نوازشريف ۽ شهباز شريف رياست تي سياست قربان ڪري حب الوطني جي اعليٰ مثال قائم ڪئي. هڪ دفعو ٻيهر قوم ڏسي ورتو آهي ته رليف صرف مسلم ليگ(ن) ئي ڏيندي آهي.

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته قيادت، جماعت ۽ پنجاب جي عوام جو اعتماد وڏي ذميواري آهي، نوازشريف، شهباز شريف جي عوامي خدمت جي معيار تي پورو لهڻ آسان نه آهي. اجلاس ۾ عوامي فلاح جي منصوبن ۽ مستقبل جي سياسي حڪمت عملي تي به مشاورت به ٿئي، پارٽي جو سينئر اڳواڻ سينيٽر پرويز رشيد،  راڻا ثناءُالله پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب ۽ راشد نصرالله به اجلاس ۾ موجود هئا.

پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ظهير اقبال چنڙ، صوبائي وزير آبپاشي محمد عاظم پيرزاده، چوڌري خالد محمود جگا، صاحبزاده ايم غازين عباسي، ملڪ خالد محمود وران، مان محمد شغيب اويسي، چوڌري محمود احمد، محمد اجمل خان چانڊيو، عون حميد ڊوگر، سبطين رضا بخاري ۽ نواب خان گوپانگ ملاقات ڪندڙن ۾ شامل هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔