سيوهڻ: عظيم صوفي بزرگ حضرت قلندر لعل شهباز جو 773 هون ساليانو عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جو افتتاح وقتي گورنر سنڌ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاھ مزار تي چادر چاڙھي فاتح پڙهي ڪيو,
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ اولياء الله ڪرام جي ڌرتي آهي سنڌ ترقي ڪندي ته پورو ملڪ ترقي ڪندو گذريل ٽن ڏينهن کان صوبائي وزير اوقاف سيد رياض شاھ شيرازي عرس مبارڪ جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺي رهيو آهي هن ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ۽ ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا جي نگراني هيٺ عرس مبارڪ دوران بھترين انتظام ڪرڻ تي انھن جي تعريف ڪئي.
هن چيو ته اميد ڪيون ٿا عرس مبارڪ جون تقريبون خيرخوبي سان اختتام پذير ٿي وڃن گذريل سال جي مقابلي ۾ هن سال زائرين جي تعداد وڌيڪ آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊمپر جي حادثي تي وزير داخلا جو بيان اچي ويو آهي ۽ ان جي حوالي سان حڪومت جي پاران هدايت جاري ڪئي وئي آهي هيوي گاڏيون رات جو ڪراچي ۾ داخل ٿينديون جڏهن تہ اسانجي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ به گاڏين جي انسپيڪشن جون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته پنجاب جي وزيرن کي چوندس ته توهان پنهنجي صوبي تي ڌيان ڏيو پهرين اتي لوڪل گورنمينٽ جي اليڪشن ته ڪرايو ڇھ ڪينال جي منصوبي تي چيئرمين صاحب جو واضح بيان اچي چڪو آهي.
اويس قادر شاھ چيو ته وزير اعظم پاڪستان کي گذارش آهي ته آئين ۽ قانون مطابق 90 ڏينهن ۾ سي سي آئي جي ميٽنگ گهرائي وڃي وقتي مقام گورنر چيو ته هن هفتي چئيرمين اين ايڇ اي کي خط لکندس ته اسيمبلي ۾ اچي بريف ڪري ته انڊس هاءِ وي ڇو نٿو ٺاهيو وڃي انهن کي جواب ڏيڻو پوندو ڪهڙو سبب آهي ته هتي منصوبا رولڙي جو شڪار بنجي ٿا وڃن سنڌ حڪومت هر سطح تي عوامي مسئلن جي لاءِ آواز بلند ڪري رهي آهي ان موقعي تي صوبائي وزير اوقاف سيد رياض شاھ شيرازي، صوبائي سيڪريٽري صبغت اللہ مھر، ذويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ ،ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ،۽ ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا پڻ موجود هيو.