عالمي بينڪ جا 4 ارب کان وڌيڪ ڪٿي خرچ ڪيا؟ وفاق سنڌ حڪومت کان رپورٽ گهري ورتي

ڪراچي: وفاقي سيڪريٽري تعليم محي الدين واني سنڌ صوبي طرفان عالمي  بينڪ جا 4 ارب 10 ڪروڙ روپين جا فنڊ ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ڪيا انهي بابت رپورٽ گهري ورتي.

وفاقي تعليم واري سيڪريٽري ڏانهن صوبائي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي کي لکيل خط ۾ وفاقي سيڪريٽري چيو آهي ته وفاقي حڪومت اسپائر تي عمل ڪري رهي آهي جنهن کي عالمي بينڪ جي مالي مدد سان تعاون حاصل آهي انهي جي ٽوٽل رقم 200 ملين آمريڪي ڊالر آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2023-24 جي تازي آڊٽ دوران، وفاقي آڊٽ ٽيم صوبن طرفان آڊٽ رپورٽ جمع نه ڪرائڻ جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو جنهن سان پروگرام جي احتساب ۽ وسيلن جي بهتر طريقي سان استعمال کي هٿي ڏيڻ جي انهي مقصد کي نقصان پهچائڻ آهي. انهي حوالي سان انهي ڳڻتي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ياد دهانيون اماڻيون ويون آهن پر انهي حوالي سان اڃان تائين ڪوبه تسلي جوڳو جواب نه مليو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته اسپائر پروگرام صوبن کي فنڊز جو 90 سيڪڙو حصو مقرر ڪري ٿو جيڪو پروگرام جي ڪامياب ڪرڻ ۾ انهي جي اهم ڪردار کي نمايان ڪري ٿو ۽ صرف 10 سيڪڙو فنڊز وفاقي سطح تي پروگرام جي سرگرمين جي لاءِ مقرر ڪيا ويندا آهن. هتي اهو به ٻڌائڻ مناسب آهي ته پروگرام جي شروعات کان ئي وفاقي سطح تي باقاعده آڊٽ ڪيا ويندا آهن، جيڪي شفافيت ۽ جوابدهي جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا.

خط ۾ چيو ويو آهي ته آڊٽ جي خدشن جي روشني ۾ درخواست ڪئي وڃي  ٿي ته اسپائر پروگرام جي تحت منتقل ڪيل فنڊز جي لاءِ هڪ ٻاهريون آڊٽ ڪرايو وڃي ۽ انهي جي رپورٽ پي سي يو، ايم او ايف اي ۽ پي ٽي کي جمع ڪرائين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔