پاڪستان 6 مهينن دوران آءِ ايم ايف جي وڏي شرط پوري ڪرڻ ۾ ڪامياب

اسلام آباد: پاڪستان جاري مالي سال جي شروعاتي 6 مهينن دوران آءِ ايم ايف جي وڏي شرط پوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل موجوده مالي سال جي پهرين 6 مهينن جي خرچ ۽ آمدني جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن جنهن موجب پاڪستان  شروعاتي 6 مهينن ۾ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي وڏي شرط پوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  2900 ارب حدف جي مقابلي پرائمري سرپلس 3600 ارب روپين تائين پهچي ويو آهي. اهڙي طرح چئني صوبن 750 ارب حدف جي مقابلي 776 ارب سرپلس بجيٽ ڏنو ويو. صوبن 376 ارب روينيو حدف جي مقابلي ۾ 442 ارب ٽيڪس جمع ڪيو ويو. اهڙي طرح زرعي آمدني تي ٽيڪس تي عمل ڪرڻ سان روينيو ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي.

ناڻي واري وزرت موجب 6 مهينن ۾ ايف بي آر کي ٽيڪس روينيو ۾ 384 ارب شارٽ فال کي منهن ڏيڻو پيو. 6009 ارب حدف جي مقابلي 5624 ارب روپيه ٽيڪس جمع ڪيو ويو. انهي دوران واپاري دوست اسڪيم جي تحت 23.4 ارب ٽيڪس جمع ڪرڻ جو حدف پورو نه ٿي سگهيو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت جي آمدني 5887 ارب روپيه رهي. وفاقي حڪومت جا خرچ 8200 ارب کان وڌي ويا جڏهن ته شروعاتي 6 مهينن ۾ 2313 ارب روپيه بجيٽ خسارو رهيو.

انهي دوران قرضن تي وياج جي مد ۾ 5141 ارب روپيه خرچ ڪيا ويا جڏهن ته وفاقي ترقياتي منصوبن تي صرف 164 ارب روپيه خرچ ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔