پشاور: اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 3 خوارج دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن ۾ 3 خوارج دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن جي دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻي کي بهتر طريقي سان نشانو بنايو ، خوارج دهشتگرد برقعو پائي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل خوارج دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ آيو آهي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرجوش آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو.