اداڪاره ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد جي شادي جو ڪارڊ وائرل

ڪراچي: پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي جوڙي اداڪار گوهر رشيد ۽ اداڪاره ڪبريٰ خان جي شادي جو ڪارڊ وائرل ٿي ويو.گوهر رشيد ۽ ڪبريٰ خان جي شادي جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون ۽ ٻنهي ڪجهه ڏينهن اڳ دوستن سان گڏ هڪ وڊيو ذريعي پنهنجي شادي جي تصديق ڪئي هئي.شادي جي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته جوڙي جي شادي رمضان کان اڳ مڪي ۾ ٿيندي، جنهن ۾ خاندان ۽ ويجها دوست شرڪت ڪندا، ۽ پوءِ پاڪستان پهچڻ کان پوءِ شادي جون باضابطه تقريبون شروع ٿينديون.جڏهن ته، هاڻي جوڙي جي شادي جو ڪارڊ پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ڪارڊ ۾ ڪبريٰ ۽ گوهر رشيد جو نالو لکيل ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته ڪارڊ ۾ شادي جي تاريخ يا تقريبن جي حوالي سان ڪا به معلومات ظاهر نه ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔