پي ٽي آءِ جي نه اچڻ تي ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس ملتوي، اسپيڪر ڪميٽي برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پي ٽي آءِ جي نه اچڻ تي اڄ ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪميٽي کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اسپيڪر اياز صادق اجلاس کان اڳ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته گذريل اجلاس ۾ فيصلو ٿيو هو ته 7 ورڪنگ ڏينهن ۾ ٻيهر اجلاس ٿيندو، اڄ 7 ڏينهن پورا ٿي ويا، انهي بابت اسان سڀني کي اجلاس جي دعوت ڏني، اميد هئي ته اپوزيشن جا ميمبر به ايندا.

هن چيو ته اسان 45 منٽ انتظار ڪيو انهن جي طرفان پيغام مليو ته هو نه ايندا، مون پي ٽي آءِ سان رابطو ڪيو آهي، پي ٽي آءِ ميمبرن چيو آهي ته اسان اعليٰ قيادت سان رابطو ڪري ٻڌائينداسين.

اياز صادق چيو ته اپوزيشن جي غير موجودگي سبب ڳالهيون نٿي هلي سگهن، هن گڏجاڻي کي اڳيان رکڻ جو ڪوبه مقصد نٿو بڻجي، انهي لاءِ اڄ جي گڏجاڻِ ملتوي ڪري رهيا آهيون پر منهنجا  دروازا کليل آهن اميد رکان ٿو ته ٻنهي طرفن کان ڳالهيون ڪيون وينديون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اعلان ڪيو ته ڳالهين واري ڪميٽي قائم رهندي انهي کي ختم نه ڪري رهيا آهيون.

انهي موقعي تي ڳالهيون ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته اسان جيڪڏهن اجلاس ۾ آيا آهيون ته ڪجهه نه ڪجهه کڻي آيا هونداسين، اسان پي ٽي آءِ جي مطالبن جو جواب تيار ڪيو آهي، اسان جي مثبت ڪوشش آهي ته ڳالهيون اڳيان وڌن، انهي کان اڳ به ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن، اميد ڪريون ٿا ته هو ايندا اسان جواب ڏينداسين ۽ اسان جواب ڏيڻ چاهيون ٿا، جيستائين هو ايندا نه ته جواب ڪيئن ڏينداسين.  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔