اسلام آباد: سپريم ڪورٽ 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواستن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
26هين آئيني ترميم جي خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٿي. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته فل ڪورٽ جو معاملو چيف جسٽس وٽ ئي وڃي سگهي ٿو جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل چيو ته لڳي ٿو ته اوهان پهرين ڏينهن کان ئي وڙهڻ جي موڊ ۾ آهيو، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته اسان ڪنهن سان به وڙهڻ نٿا چاهيون.
جسٽس امين الدين چيو ته جيڪڏهن ڪا ڌر دليل ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته عدالت حڪم جاري ڪندي جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اوهان ڇو پريشانين جو شڪار آهيو؟ جيڪو هن بينچ جي سامهون بحث نٿو ڪرڻ چاهي اهو پوئتي هٽي وڃي.
جسٽس عائشه ملڪ چيو ته فُل ڪورٽ جوڙڻ تي ڪابه پابندي نه آهي. وڪيل فيصل صديقي چيو ته 26هين آئيني ترميم اختيار جي ورهاست جي اصول جي خلاف آهي. جڏهن ته عزيز ڀنڊاري چيو ته 26هين آئيني ترميم جي منظوري وقت ايوان اڻ مڪمل هو.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته 26هين آئيني ترميم جي لاءِ ٽوٽل ميمبرن تي ووٽنگ ٿي يا موجود ميمبرن تي؟ جنهن تي وڪيل فيصل صديقي ٻڌايو ته 26هين آئيني ترميم تي موجود ميمبرن ووٽنگ ڪئي جنهن تي جسٽس مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته موجود ميمبرن جو ٽوٽل ڇا ايوان جي اڪثريت تي پورو لهن ٿا؟
وڪيل فيصل صديقي چيو ته ڳڻپ حڪومت پوري ڪري ورتي هئي، هي مسئلو سامهون نه پيا آڻين، جنهن تي جسٽس عائشه ملڪ چيو ته ڇا ايوان ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي مڪمل هئي؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته خيبرپختونخواهه جي سينيٽ ۾ نمائندگي مڪمل نه آهي. اتي سينيٽ چونڊون اڃان رهيل هيون.
وڪيل صلاح الدين چيو ته اختر مينگل جي درخواست ۾ ترميم جي حالتن جو نقشو ڇڪيو ويو آهي، اسيمبلي ميمبر ووٽ ڏيڻ ۾ ڪيترا آزاد هئا، انهي کي به آڏو رکيو وڃي. وڪيل صلاح الدين چيو ته درخواست ۾ هڪ نڪتو مخصوص سيٽن جو به اٿاريو ويو آهي.
وڪيل صلاح الدين چيو ته ايوان مڪمل ئي نه هو ته ترميم ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟ جڏهن ته وڪيل شاهد جميل چيو ته عوام جا حقيقي نمائندا ئي آئيني ترميم جو اختيار رکن ٿا. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اوهان چاهيو ٿا ته چونڊون ڪيسز جي فيصلن جو انتظار ڪن، پوءِ آئيني ترميم ڪيس ڪيئن ٻڌو؟ اهڙي طرح ته آئيني ترميم جو ڪيس ڪافي وقت تائين لٽڪيل رهندو.
جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ 26هين آئيني ترميم تي فُل ڪورٽ جي جوڙڻ ۽ عدالتي ڪارروائي سڌو سنئون نشر ڪرڻ جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 3 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.