اسلام آباد: بينچز اختيارات جو ڪيس مقرر نه ٿيڻ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور، جسٽس عائشه ۽ جسٽس عقيل عباسي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي ڇڏيو جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه معاملي کي توهين عدالت قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب جسٽس امين الدين خان کي به ٽنهي ججز طرفان خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ بينچ اختيارات بابت ڪيس جو ذڪر ڪيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس عقيل عباسي کي 16 جنوري تي بينچ ۾ شامل ڪيو ويو جيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به ڪيس ٻڌي چڪو آهي. خط ۾ 20 جنوري تي ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر نه ٿيڻ جي شڪايت به ڪئي وئي.
خط موجب پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي 17 جنوري جي اجلاس جو ذڪر ڪيو. جسٽس منصور علي شاهه ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته منهنجو نقطه نظر رڪارڊ تي موجود آهي. جسٽس منصور علي شاهه ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو ۽ جسٽس منصور علي شاهه ان جي آرڊر تي عمل ڪيو.
جسٽس منصور چيو ته مون کي ڪميٽي ۾ پيش ٿيڻ جي ضرورت نه آهي ڇو ته ڪميٽي اڳ وارو بينچ جوڙي 20 جنوري تي ٻڌڻي مقرر ڪري سگهجي ٿي. جسٽس منصور خط ۾ چيو ته ڪيس مقرر نه ڪرڻ جوڊيشل آرڊر کي نه مڃڻ جي برابر آهي جسٽس منصور معاملي کي توهين عدالت به قرار ڏئي ڇڏيو.