بنگلاديش جي آل رائونڊر شڪيب الحسن جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڍاڪا : بنگلاديش جي اسٽار آل رائونڊر شڪيب الحسن جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، شڪيب الحسن جا ٻه بئنڪ چيڪ بائونس ٿيڻ تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا. ڍاڪا جي ايڊيشنل چيف ميٽروپوليٽن مئجسٽريٽ ضياءُ الدين رحمان، شڪيب الحسن جا آچر تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شڪيب 2016 ۾ بنگلاديش جي علائقي ستکيرا ۾ هڪ ڪيڪڙي جو فارم ٺاهيو، جيڪو 2021 کان غير فعال آهي، شڪيب جي ڪمپني پاران چيڪ ورتل بئنڪ قرض جي واپسي لاءِ ڏنا هئا، پر فنڊ نه هجڻ ڪري چيڪ بائونس ٿيا هئا. رپورٽ موجب، آڪٽوبر 2024 ۾ بنگلاديشي بئنڪ چيڪ بائونس ٿيڻ واري معاملي تي قانوني نوٽيس جاري ڪيا هئا ۽ بعد ۾ 24 ڊسمبر تي شڪيب ۽ سندس ڪمپني جي ٽن عهديدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔