ڀارتي اداڪار ساحل خان جي زال اسلام قبول ڪري ورتو

ممبئي : ڀارتي اداڪار ۽ فٽنيس ٽرينر ساحل خان جي زال، ميلينا اليگزينڊرا، اسلام قبول ڪري ورتو آهي.ساحل خان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي زال ميلينا اليگزينڊرا سان گڏ ڪجهه نيون خوبصورت تصويرون ۽ هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي.انهن تصويرن ۾ ڀارتي اداڪار پنهنجي زال کي هٿن ۾ جهلي ڪئميرا لاءِ پوز ڏيندي نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته وڊيو ۾ سندس زال کي گلاب جي گلن سان سجايل ٽيبل جي ويجهو بيٺي ۽ خوشگوار موڊ ۾ گلن کي ڇهندي ڏسي سگهجي ٿو، هن پنهنجي وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي ڏاڍي فخر محسوس ٿي رهي آهي ته منهنجي زال ملينا اليگزينڊررا اسلام قبول ڪري ورتو آهي،ساحل خان وڌيڪ لکيو ته الحمدلله هن خوبصورت سفر لاءِ! الله اسان کي معاف ڪري ۽ اسان جون دعائون قبول فرمائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔