لاس اينجلس ۾ لڳل خطرناڪ باهه سبب فوتين جو انگ وڌي 24 ٿي ويو، سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري

واشنگٽن: آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ هڪ هفتي کان لڳل خطرناڪ باهه وڌيڪ 8 حياتيون کسي ورتيون جنهن کان پوءِ باهه سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 24 ٿي ويو، باهه جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ جاچ جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته تيز هوائن سبب باهه وڌيڪ پکڙجڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.

آمريڪي خابرو اداري  جي رپورٽ موجب آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ باهه جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 24 ٿي ويو آهي. لاس اينجلس جي ڪائونٽي ميڊيڪل ايگزاميٽر ڪنهن به سڃاڻپ جا تفصيل ڏيڻ کان سواءِ فوتين جي هڪ فهرست شايع ڪئي آهي. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته فوت ٿي ويلن مان 8 جو تعلق پاليساڊس ۽ 16 جو تعلق اينن سان آهي.

ايل اي ڪائونٽي جي شيرف رابرٽ جي لوٽا چيو آهي ته  اسان جي آفيس مان ڪيترن ئي ماڻهن جي گم ٿيڻ جا اطلاع آهن. اختيارين موجب صرف اينن ۽ پاليساڊس ۾ باهه سبب 12 هزار کان وڌيڪ عمارتون تباهه ٿي چڪيون آهن جيڪي امڪاني طور تي ڪيليفورنيا جي تاريخ ۾ ٻئي ۽ چوٿين سڀني کان وڌيڪ تباهي آڻيندڙ باهه آهي.

ڏکڻ ڪيليفورنيا ۾ سانتا اينا هوائن جو تسلسل جاري آهي جتي اربع تي ريڊ فليگ وارننگ جاري ڪئي وئي آهي باهه سبب متاثر پاليساڊس، برسٽ ۽ ايٽن سي جي حد ۾ اچن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔