فارم 47 جو طعنو ڏيندڙ هاڻ فون ڪري ڳالهين جو چئي رهيا آهن: فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور: خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته تحريڪ انصاف وارا چون ٿا ته هنن سان اسان هٿ به ملائڻ پسند ناهيون ڪندا، هي فارم 47 وارا آهن، اڄ اهي پاڻ اسپيڪر کي فون ڪري رهيا آهن ته تڪڙو ڳالهيون ڪرايو.

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پيپلز پارٽي ڊائيلاگ تي يقين رکي ٿي، اسان اتحادي پارٽين کي هڪ ميز تي ويهاريو هو، اسان اڄ به ڳالهين جي حمايت ۾ آهيون پر اسان کي هنن مان ڪنهن به قسم جي بهتري جي اميد نه آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا هئا، الله کي وڏيون ڳالهيون ڪندڙ پسند نه آهن، جن جي به خلاف هي ڳالهيون ڪندا هئا  اڄ اهي  هنن جا سياسي مسيحا  بڻجي ويا آهن. مولانا فضل الرحمان جي باري ۾ به گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئا، اڄ انهن جي پيرن ۾ پيل آهن، هنن اڄ مولانا فضل الرحمان کي سياسي مسيحا بنايو آهي.

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هي چاهين ٿا ته اسان کي ڪو اين آر او ملي وڃي جيڪي هنن جا ڪرتوت آهن انهن کي ڏسندي هاڻ هنن کي اين آر او نه ملندو، اوهان سمجهو ٿا ته ڪرتوت صحيح هئا ته اوهان  کي سزا نه ملندي، جيڪڏهن اوهان جا ڪرتوت غلط هئا ته ٻڌڻي  ڀلي 5 ڀيرا ملتوي ٿي وڃي سزا ضرور ملندي، مان سمجهان ٿو ته عمران خان القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ ملوث آهي.

ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته هن وقت به مان يونيورسٽين جو چانسلر آهيان، بهتر ڳالهه هجي ها ته صوبائي حڪومت جا وزير 4 ڪلاس پڙهي وٺن ها، خيبرپختونخواهه حڪومت کي هڪ سال ٿي چڪو آهي، 26 يونيورسٽي ۾ وائس چانسلرز مقرر نه ٿي سگهيا آهن، هي صرف ڏسي رهيا آهن ته ڪٿان کان ڪجهه خرچ ملي وڃي ته جيئن وائس چانسلر مقرر ڪري سگهون.

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه آهي، اسان چاهيون ٿا ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿئي، ڪابينه تي ون پوائنٽ ايجنڊا تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، هي دهشتگردن جا سهولتڪار آهن، هنن صوبي ۾ دهشتگردن کي  آباد ڪيو آهي، وڏو وزير پنهنجي ضلعي ۾ امن قائم نه ڪري سگهيو، هي صوبي ۾ امن نه صرف انتشار چاهين ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔